ميرخليل الرحمان

ميرخليل الرحمان

خليل الرحمان مير

خليل الرحمان، مير: ناليواري صحافي ۽ جنگ گروپ آف پبليڪيشن جي بانيڪار، مير خليل الرحمان جو جنم، 19 جولاءِ 1927ع تي گوجرانوالا ۾ ٿيو. سندس وڏا ڪشمير مان هجرت ڪري گوجرانوالا ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سندس والد مير عبدالعزيز مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه جو گريجوئيٽ هو، ۽ تعليم مڪمل ڪري دهليءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اهڙي طرح سندس خاندان دهليءَ منتقل ٿيو. هن شروعاتي تعليم صديقيه هاءِ اسڪول دهلي ۽ مسلم هاءِ اسڪول فتح پور مان حاصل ڪئي. بي. ڪام ڪرڻ کان پوءِ عملي زندگيءَ جو آغاز هڪ پرائيويٽ آفيس ۾ ٽائيپسٽ جي حيثيت ۾ ڪيائين. ڪجهه وقت کانپوءِ هڪ فلمي رسالي ’نگارخانه‘ سان وابسته ٿيو، جيڪو ان زماني جي مشهور صحافي دادا عشرت علي جي نگرانيءَ هيٺ نڪرندو هو. ان نوڪريءَ دوران هن کي روزاني اخبار ڪڍڻ جو خيال ٿيو، جيئن ته انهن ڏينهن ۾ ٻي عالمي جنگ عروج تي هئي، ان ڪري هن اخبار جو نالو ’جنگ‘ رکيو ۽ ان کي شام جي اخبار ڪري هلايو. جنگ اخبار تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِخليل الرحمان پاڪستان ۾ آيو. هن ڪراچيءَ مان 15 آڪٽوبر 1947ع تي روزاني ’جنگجاري ڪئي، آهستي آهستي ’جنگاخبار پوري ملڪ ۾ هڪ نمايان حيثيت حاصل ڪري ورتي. 13 نومبر 1959ع تي روزاني ’جنگ‘ جو راولپنڊي ايڊيشن شروع ٿيو. مير خليل الرحمان 17 آڪٽوبر 1962ع تي ’ڊيلي نيوز‘ پهرين جنوري 1967ع تي هفتيوار ’اخبار جهان‘، 15 مارچ 1975ع تي ’جنگ ڪوئيز‘، 8 مئي 1980ع تي ’ميگ ويڪلي‘، پهرين آڪٽوبر 1981ع تي ’جنگ‘ لاهور ۽ 11 فبروري 1991ع تي ’دي نيوز‘ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جاري ڪيون. اهڙيءَ طرح جنگ گروپ آف نيوز پيپرس پاڪستان جو سڀ کان وڏو اشاعتي ادارو بڻجي ويو. هڪ اخبار نويس ۽ ايڊيٽر جي حيثيت سان هن گهڻو ڪري دنيا جي سڀني ملڪن جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن عالمي مشاهيرن سان ملاقاتون ڪيون. 25 جنوري 1992ع تي وفات ڪيائين. هن وقت جنگ گروپ آف پبليڪيشن کي مير شڪيل الرحمان سنڀالي ٿو. هن گروپ تحت سيٽلائيٽ چئنل ”جيو“، ”جيو نيوز“، ”جيو اسپورٽس“ ۽ ”آگ“ پڻ هلي رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.07.19  عيسوي

مير خليل الرحمان جو جنم، 19 جولاءِ 1927ع تي گوجرانوالا ۾ ٿيو.


1947.10.15  عيسوي

مير خليل الرحمان ڪراچيءَ مان 15 آڪٽوبر 1947ع تي روزاني ’جنگ‘ جاري ڪئي


1959.11.13  عيسوي

13 نومبر 1959ع تي روزاني ’جنگ‘ جو راولپنڊي ايڊيشن شروع ٿيو.


1962.10.17  عيسوي

مير خليل الرحمان 17 آڪٽوبر 1962ع تي ’ڊيلي نيوز‘ پهرين جنوري 1967ع تي هفتيوار ’اخبار جهان‘، 15 مارچ 1975ع تي ’جنگ ڪوئيز‘، 8 مئي 1980ع تي ’ميگ ويڪلي‘، پهرين آڪٽوبر 1981ع تي ’جنگ‘ لاهور ۽ 11 فبروري 1991ع تي ’دي نيوز‘ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جاري ڪيون. ا


1992.01.25  عيسوي

مير خليل الرحمان25 جنوري 1992ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي محمود هالائي
زلف پيرزادو
لائق سنڌي ٿيٻو
شوداساڻي جيرامداس
اسلم خواجا
آصف جيلاني
رياض حسين ميمڻ
علي رضا سهتو
فاروق احمد راشدي
عبدالرحمان قاضي1
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون